ڏوڪري ۾ ٽريفڪ جو آزار معمول بڻجي ويو

0
198

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ ٽريفڪ جو آزار وڌي ويو،عام ماڻهن کي اچ وڃ ۾ تڪليفن مان گذرڻو پئجي ويو، انتظاميا پاران ٽريفڪ اهلڪار مقرر نه ڪيا، تفصيل موجب ڏوڪري ۾ ڪافي عرصي کان ٽريفڪ جو آزار برقرار آهي. ڏوڪري جي مين بازار، ڀٽائي بازار، پريس ڪلب روڊ، پوليس اسٽيشن روڊ، علي پارڪ، مين بوائز پرائمري اسڪول، بوائز هاءِ اسڪول ۽ گرلز هاءِ اسڪول روڊ، اسپتال روڊ سميت مخلتف بازارين جي روڊ تي ٽريفڪ جام روز جو معمول بڻجي وئي. روڊ جام هجڻ سبب مريض به تڪليفن مان گذريندي اسپتال پهچن ٿا۔

جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان چنگچي رڪشا ۽ گڏھ گاڏا بيهڻ سبب ٽريفڪ جام رهي ٿئي وڃي ٿي. ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا پاران ٽريفڪ پوليس اهلڪار مقرر ناهين ڪيا، ٽريفڪ پوليس اهلڪار نه هجڻ سبب ٽريفڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جام رهي ٿي. هوڏانهن هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ريحان احمد، قاضي عابد علي، ڪامران علي، منصور علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽريفڪ جو آزار وڌي ويو آهي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان چنگچي ۽ گاڏا بيهڻ سبب ٽريفڪ جام رهي آهي ۽ انتظاميا پاران به ٽريفڪ پوليس اهلڪار مقرر ناهين ڪيا ويا. هنن انتظاميا کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ٽريفڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪري چنگڇي ۽ گڏھ گاڏن وارن کي مخصوص جاءِ ڏئي ٽريفڪ جو آزار ختم ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here