سنڌ ۾ پٺاڻ سان سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون

0
144
Abdul Khalique Junejo

سڪرنڊ (رپورٽ گل محمد ملاح)

سنڌ ۾ پٺاڻ وڏو خطرو آهي ، پٺاڻ وحشي آهن جيڪي پنهنجو پاڻ ۾ ئي انتهائي خطرناڪ آهن ۽ هو هتي اسان لاءِ پڻ انتهائي گهڻو خطرو آهن، سنڌ ۾ پٺاڻ سان سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون . اهڙو اظھار جيئي سنڌ محاذ جوڻيجو گروپ جو چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو سما هائوس سڪرنڊ تي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران ڪري رهيو هو . هن چيو ته عالمي قوتون جيڪو ڪم ڪن ٿيون اهو پنهنجي مفاد وٽان ڪنديون آھن . جيڪڏھن مفادن جو ٽڪراءُ ھوندو ته عالمي قوتون ۽ رياست ان مان هٿ ڪڍي وينديون پر جڏھن انهن جا مفاد هڪجهڙا هوندا آھن ته اهي مدد ڪندا آھن۔

ون يونٽ جي تحريڪ عددي لحاظ کان ٿوري هئي مگر ڪامياب تڏھن ٿي جو ان وقت لڪير نڪتل هئي ، ماڻھو هڪ پاسي هئا . اها تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ اڄ به ڪامياب آهي . هن چيو ته بحريا ٽائون جي خلاف سنڌي ماڻھن جو اظهار دراصل سنڌ سان تاريخي زيادتين جو ردعمل آهي . بحريا ٽائون 2013ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ، جنهنجي خلاف ان وقت به سخت مزاحمت ڪئي وئي، ست سال جدوجهد جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻھن جو وڏو تعداد جذبي ۽ پنهنجي سمجھ سان بحريا ٽائون خلاف نڪري پيو جنهن ۾ نوجوانن جو وڏو تعداد هو جيڪو مثبت آهي . هن چيو ته هاڻي ان سوچ کي کڻي صحيح حڪمت عملي ۽ درست ڪردارن سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو۔

هن چيو ته قومي تحريڪ وسيع آهي ان ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار آهي ان تي ڳالهائڻ گهرجي . سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزاديءَ جي عالھ ڪئي ۽ قلم ۽ ڪتاب جي سياست ڪئي ، جيڪو قلم ۽ ڪتاب جي مخالفت ڪندو اهو جي ايم سيد جو مخالف آهي . هن چيو ته جن ماڻھن قومي تحريڪ جي نالي تي پنهنجا فائدا ورتا آهن اهي جي ايم سيد ها پوئلڳ ڪيئن ٿا ٿي سگهن . اسان کي ۽ توهان کي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي . هن چيوته پاڻيءَ جي گهرائي ڪناري تي بيهي نه پر پاڻيءَ ۾ لهي معلوم ڪري سگهجي ٿي . قومي تحريڪ جو نقصان ايندڙ نسل جو نقصان آهي انلاءِ توهان سياست ڀلي ڪيو پر ذھن ۽ ضمير کي صاف رکي سياست ڪيو . ميڊيا سان ڳالهائڻ وقت هن سان آزاد سمو ۽ ڄام انڙ پڻ گڏ ھئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here