راڄوخاناڻي (سفير نظاماڻي ) راڄوخاناڻي ۾ سوئي گيس پارن ٿيندڙ غيرقانوني ۽ ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف مختلف سياسي سماجي ۽ واپاري تنظيمن پاران سرائي حاجن چوڪ کان ريلي ڪڍي ماتلي راڄوخاناڻي مين روڊ تي سلطاني واھ جي موري تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين جي شرڪت سوئي سدرن گيس ڪمپني خلاف شديد نعري بازي ڪئي وئي راڄوخاناڻي ۾ ٿيندڙي ھٿرادو گئيس لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ايس ٽي پي شعيا علما ڪائونسل پ پ پ واپاري ايسوسئيشن ھنڌو پنچائيت نوجوان سنگت صحافي برادري جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت۔
ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن مير عاشق ٽالپر خاڪي جاني محمدحسن جعفري سفير نظاماڻي امداد باغي ايڊوڪيٽ فياض آرائين ڊاڪٽر ونود ڪمار ليلارام ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سوئي سدرن گئيس ڪمپني بل مڪمل وصول ڪرڻ باجود راڄوخاناڻي ۾ ھٿرادو لوڊشينگ ڪري عوام کي آزار ۾ وجھي ڇڏيو آھي عوام وڏي پريشاني کي منھن ڏئي رھي آھي رڌ پچاء جي وقت روزانو گئيس پريشر گھٽايو وڃي ٿو رڌپچاء جي وقت گٔيس پريشر گھٽ ڪيو ٿو وڃي ٿو ۽ ٻي طرف سوئي گيس طرفان سلو ميٽر جو جواز ڄاڻائي عوام کان لاکين روپيا غيرقانوني بل وصول ڪري رھي آھي اڳواڻن گئيس ڪمپني کي ٽن ڏينھن جو چتاء ڏيندي چيو ته ٽن ڏينھن اندر گئيس پريشر ٺيڪ نه ڪيوـويو ته پھرين مرحلي ۾ ھڪ ھفتي لاء بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي ۽ روزانا بنيادن تي احتجاج ڪيو ويندو ٻي مرحلي ۾ گئس آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ ھر قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو ۽ واڌو بلن خلاف جلد ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي ويندي۔