وڳڻ ٽائون ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ ڪري سماجي تنظيم پاران احتجاج

0
334
wagan teo

وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ ٽائون ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ ڪري سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد جي اڳواڻ ممتاز وڳڻ ۔ يونس وڳڻ ۔ ڪامران پنهور ۔ امتياز خاصخيلي ۔ عبدالجبار ۔ عابد علي ۽ ٻئن عوامي پريس ڪلب وڳڻ اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته وڳڻ ٽائون ۾ هر مهيني لکين روپين جي بجيٽ جيڪو ٽائون انتظاميا پاڻ م ملي ڀهڳت ڪري هڙپ ٿا ڪري ڇڏين پر ڪٿي به صفائي سٿرائي وارو ڪم ناهي ٿي سڳھيو۔

وڳڻ شھر کي ٽائون ٿيندي 6 سال کان مٿي عرصو ٿيو آھي ۽ هر مهيني ٽائون ڪاميٽي لا۽ لکين روپين جو بجيٽ ايندو هيو اچ ڏينهن تائين اهو ڪائونٽ ڪيو وڃي ته ڪيترو پئسو آيو آھي ۽ ڪيترو خرچ ٿيو جڏھن بلدياتي اليڪشن ۾ ٽائون چئيرمين ۽ وائس چئيرمين جو مدو پورو ٿيو ته ان وقت ٽائون ڪاميٽي جي اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک روپيا پيل هئا ۽ هاڻي ٻڌايو وڃي ته اهو ايترو پئسو ڪاڏي ويو ٽائون آفيسر اياز لاشاري هڪ ڪرپٽ آفيسر آھي۔

اهو صرف ڪرپشن ڪرڻ ڄاڻيندو آھي باقي شھر ۾ ڪم ڪئين ٿيندا اسان نيب سکر ۽ اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ٿا ڪريون ته وڳڻ ٽائون ۾ جيڪي بجيٽ اچي پيو اهو مڪمل جاچ ڪن ته ڪيتري بجيٽ ملي ۽ ڪيترو ڪم ٿيو آھي ڪرپشن ڪندڙ ٽائون آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here