گاجي کهاوڙ ۾ صحافي شير محمد کهاوڙ جي ڀاء جي وفات تي تعزيت

0
224

گاجي کهاوڙ رپورٽر

جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ دودوديشي, محمد هاشم سومرو، احمد علي ڏيپر، اڄ گاجي کهاڙو ۾ صحافي شير محمد کهاوڙ جي ڀاء جي وفات تي تعزيت ڪئي، ڀٽي برداري جي اڳواڻ محرم عمران ڀٽي جي امڙجي لاڏاڻي تي پڻ تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو۔

جسقم اڳواڻ دودو ديشي کي سنڌ پريس ڪلب جي صدر نياز علي ڏيپر پاران آجياڻو ڏنو ويو, ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دودوديشي چيو آھي ته نيازي سرڪار پاران اسٽيل مل جي ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ پورھيتن کي روزگار ڏيڻ جو مطالبو ڪجي ٿو اسان قومپرست عوام سان گڏ آھيون۔

ھن وڌيڪ چيو ته وفاق پاران اعلانيل ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو ته واعدو پورو نه ڪيو ويو البت سنڌ جا آمدني ڏيندڙ ادارا ھٿ وٺي تباھ ڪري من پسند ماڻھن کي ڀڳڙن مٺ ۾ وڪڻڻ جي سازش ڪئي وئي آھي۔ اسٽيل مل جھڙو ڪارائتو ادارو فعال ڪرڻ بجاءِ وڪرو ڪرڻ جي سازش جي مذمت ڪجي ٿي ۽ جسقپ پاران چتاءُ ڏجي ٿو ته سنڌ جا وسيلا ھٿ وٺي برباد ڪيا پيا وڃن، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي ٿيندڙ اڏاوتون فوري طور بند ڪيون وڃن۔

وفاق پاران زبردستي سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ تي سنڌي عوام پاران ڪيل احتجاجن کي مڃتا ڏني وئي نه ته وري سنڌ جا ماڻھو سخت احتجاج تي مجبور ٿيندا ,شھيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيووڃي,سنڌي عوام کي تحفظ ڏنو وڃي,سنڌين کي بيروزگار ۽ بي گهرڪرڻ تي افسوس,عدالت کي اپيل آهي ته عوام کي برطرف ۽ بي گهر ٿيڻ کان بچائي وڃي جسقپ پاران مونيڪا سان زيادتي ۽ قتل جي مذمت قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو۔

جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ دودوديشي، آصف سولنگي، شيبر جمالي، احمد علي چيو تہ پير ڳوٺ ۾ مونيڪا سان ٿيل زيادتي ۽ قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ بلڪل ناڪام وئي آهي۔

هنن چيو ته سماج جي بي حسي سان گڏ حڪومت جي نااهلي پڻ آهي. جنهن ڪري اهڙا شرمناڪ واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، هنن چيو ته 10 سالن جي معصوم نياڻي سان زيادتي ۽ بي رحماڻي قتل جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪيون ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. ن ت سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here