مٺي ميونسيپل چيئرمين جي وي اين ايس لائو جي رپورٽر سان بدتميزي وارو معاملو ٿڌو ٿي نه سگھيو

0
185

مٺي: ميونسيپل چيئرمين طرفان انتقامي ڪاروايون مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ لڳو، سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري فيسبوڪ تي مختلف فيڪ آئڊين جي ذريعي حراسان ڪري مذھبي رنگ ڏيئي وي اين ايس لائو جي رپورٽر جنيد آزاد کي تنگ ڪيو پيو وڃي۔

جنيد آزاد جو چوڻ آھي ته سوشل ميڊيا تي بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن، جيڪڏھن مون ڪنھن کي بليڪ ميل ڪيو آھي يا وري ڪنھن سان بدتميزي ڪئي آھي ته ان جي لاء منھنجي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ثبوت عوام جي سامھون رکيا وڃن باقي ميونسيپل چيئرمين جي چرچ تي مون تي بي بنياد ڪوڙا الزام لڳائڻ جي خلاف آئون ڪورٽ ۾ پنھنجو ڪيس وڙھڻ وڃي رھيو آھيان۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here