وڳڻ ٿاڻي جي لاڪ اپ مان 2 قيدي فرار

0
224
wagan

وڳڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ ٿاڻي جي لاڪ اپ مان 2 قيدي فرار ٿي ويا، جوابدار امتياز مغيري ۽ دوست محمد پنهور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي بعد پوليس جون ڦڙتيون لڳي ويون، پوليس جو چوڻ آهي ته ڊيوٽي تي مقرر اهلڪار کان تالو لڳائڻ وسري ويو هو، ٻئي قيدي موقعي مان فائدو وٺي فرار ٿي ويا، جن کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي۔

وڳڻ پوليس پاران ڪالھ پڪتل ٻئن منشيات فروش پيرل عرف ميرو پنهور ۽ گيري مغيري کي منشيات سميت گرفتار ڪري مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو هيو جيڪي صبح جو سوير ونجھ وٺي لاڪپ جا تالا ٽوڙي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن۔

جڏھن تته ٻئن جوابدارن جي فرار ٿيڻ کان پو۽ وڳڻ ٿاڻي جي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ۽ پوليس نفري سان گڏ نڪري پيا آھن جيڪي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آھن اهڙي معملي بابت ايس ايڇ او وڳڻ سان رابطو ڪيو ويو ته ان موقف ڏيندي چيو ته لاڪپ مان فرار ٿيل ٻنهي منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو هيو جيڪي لاڪپ جا تالا ٽوڙي فرار ٿي ويا آھن انهن جوابدارن پيرل عرف ميرو پنهور ۽ گيري مغيري کي گرفتار ڪرڻ جي لا۽ انهن جي بيٺڪ وارن هنڌن تہ ڇاپا هڻي رهيا آھيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here