لاڙڪاڻو(غلام مهدي لنڊ) لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ قائم نجي اسپتال ۾ 3 ڏينهن اڳ ڄنگهه جي آپريشن دوران ڊاڪٽر، ٽيڪنيش سميت ٻئي عملي پاران آپريشن دوران جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ شادي شده عورت غلام فاطمه مغيري واري واقعي خلاف پکو شهر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف روڊن رستن کان ٿيندي ايس ايس پي چوڪ وٽ پهتي جتي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي ۾ مغيري برادري، وارثن، مختلف سياسي سماجي تنظيمن تنظيمن، وڪيلن، پروفيسر سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي رئيس طاهر مغيري، مير همايون خان مغيري، مير فهد خان مغيري، حاجي گل حسن مغيري، اڪبر خان مغيري، غلام شبير مغيري، ايڊوڪيٽ معشوق احمد مغيري، عورت جي ڏير علي ڏنو مغيري، سماجي اڳواڻ علي احمد کوسو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جي خانگي اسپتال ۾ هڪ نياڻي سان زيادتي واري واقعي سڄي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، سنڌ باشعور ۽ نياڻين جي لڄ لوهي جي محافظ رهي آهي اتي اهڙي قسم جا واقعا برداشت جوڳا ناهن. هنن چيو ته واقعي بعد ڊاڪٽر شعيب چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ بعد کيس ڇڏي ڏين انصاف جو قتل آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽر شعيب چانڊيو کي گرفتار ڪري خانگي اسپتال کي سيل ڪرڻ سان گڏ وارثن جي مرضي موجب ايف آئي آر داخل ڪرائي وڃي ٻي صورت ڌرڻو جاري رهندو. ان کان اڳ ريلي چانڊڪا پل وٽ پهتي جتي مظاهرين پاران نجي اسپتال ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيوويو هو