تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي 50 کان مٿي ملازمن پاران چار مھينن کان پگهارون بند هئڻ خلاف احتجاج

0
307
Taluka Hospital Sakrand

سڪرنڊ ( رپورٽ مشتاق سولنگي)

تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي 50 کان مٿي IHS ملازمن پاران اسپتال جي مين گيٽ اڳيان 4 مهينن کان پگهارون بند هئڻ ، سالياني انڪريمينٽ روڪڻ ۽ ڪورونا رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو . احتجاج ۾ شامل مظاهرين ساجد زرداري ، ظهور گورچاڻي ، وسيم سيال ، سليم ڪيريو ، ذاڪر لنڊ ۽ قدير لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ IHS انتظاميا خلاف زوردار نعره هڻي مطالبا تسليم ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا هئا۔

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته IHS انتظاميا گذريل چئن مهينن کان 50 کان مٿي ملازمن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهنڪري ملازمن جي گهرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي . ھنن چيو ته ڪورونا جهڙي مُھلڪ مرض جي خدشن کان بي خوف ٿي ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون ۽ ان جو رسڪ الائونس نٿو ڏنو وڃي جڏھن ته سمورن سرڪاري ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ڏنو وڃي ٿو۔

ان کانسواءِ ملازمن کي سالياني انڪريمينٽ جي حق کان به محروم ڪيو ويو آهي . پيراميڊيڪل ايسوسيئشن جي اڳواڻ ڊاڪٽر سانول ڪيريو چيو ته IHS ملازمن جون پگهارون ، رسڪ الائونس ۽ سالياني انڪريمينٽ جاري ڪري سمورا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئشن ملازمن سان هر احتجاج ۾ گڏ هوندي . احتجاج ۾ مٿين اڳواڻن کانسواءِ ملازمن جو وڏو انگ شريڪ هو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here