وڳڻ پوليس جي ڪاروائي منشيات فروش گرفتار

0
224

وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ پوليس جي ڪاروائي ٻئن منشيات فروش رحيم شاھ ۽ عبدالوحيد پنهور کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي پنهنجي پوليس نفري سان گڏ چيڪنگ ڪري رهيو هيو ته هڪ منشيات فروش رحيم شاھ کان 240 گرام چرس هٿ ڪيو ويو ۽ ٻئي منشيات فروش عبدالوحيد پنهور کان 220 گرام چرس برآمد ڪري ٻنهي جوابدارن کي سڳھ سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي۔

منشيات فروش رحيم شاھ ياروديرو جو رهواسي آھي ۽ ٻيو منشيات فروش عبدالوحيد پنهور جعفراڻي جو رهائشي آھي ٻئي ڄڻا منشيات جو ڪاروبار ڪندا هئا ھوڏانهن ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي صحافين کي تفصيل ٻڌائندي چيو ته وڳڻ شھر اندر سماج دشمنن خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏيو آھي منشيات فروشن نوجوانن جي زندگين کي ختم ڪري ڇڏيو هيو هاڻي انهن منشيات فروشن جو اسان گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي۔

منشيات هلائندڙن کي گرفتار ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي وڌيڪ اهيو به چيو تہ اسان پوليس وارن جو فرض آھي ته اسان عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪيون ۽ جيڪي سماج دشمن آھن منشيات فروش اهئي هاڻي پاڻ کي بچائڻ جي لا۽ مختلف رستا ڳولهي رهيا آھن پر اسان انهن منشيات فروشن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏينداسين ۽ هر حال ۾ انهن کي گرفتار ڪري پنهنجي شھر علائقي جي ننڍي نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچائنداسين۔

ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي جو وڌيڪ چوڻ هيو ته وڳڻ شھر جي اندر منشيات هلائندڙ پاڻ کي پاڻ قانون جي حوالي ڪري ڇڏين نه ته اسان انهن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري عوام اڳيان آڻينداسين وڳڻ جا شھري پوليس سان تعاون ڪن ۽ پوليس هر وقت شھري جي مدد ڪندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here