مونکي ۽ منهنجي همدردن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

0
191
sakrand

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

حسين آباد آباد فيز ون حيدرآباد جي رهائشي آسيه عرف آشي ڌيءُ محمد نواز ملڪ وسير عمر 21 سال سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون اصل فيصل آباد جڙانوالا جي رهندڙ آھيان ، منهنجي ماءُ منهنجي پهرين شادي راشد علي ولد امجد سان ڪرائي هئي ، جنهن پئسن عيوض مونکي هڪ شخص نالي احمد مبشر چوڌري قمر آرائين وٽ وڪڻي ڇڏيو۔

جيئن ته اهو مونکان بد پيشو ڪرائيندو هو ۽ انڪار ڪرڻ تي سخت تشدد ڪندو هه، انهيءَ کان سواءِ زبردستي نشو پڻ استعمال ڪرائيندو هو ، انهن غلط ڪمن ۽ مارڪٽ کان بيزار ٿي موقعو وٺي فرار ٿي قربان علي ۽ عبد الستار زرداريءَ وٽ پناه ورتي آهي۔ هاڻي احمد مبشر چوڌري قمر آرائين منهنجي ۽ منهنجي محسنن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري رهيو آهي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هن اعلٰى اختيارين کي گذارش ڪندي چيو ته مونکي ۽ منهنجي همدردن عبدالستار ۽ قربان علي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here