قمبر: (رپورٽ قاضي نياز حسين)
قمبر- گزيٽڊ آفيسرز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي ڊويزن جي چونڊ ٿي گذري جنهن ۾ بنا مقابلي ڊويزنل صدر انيس الرحمان جلباڻي، نائب صدر محمد اقبال شاھ، نائب صدر فيميل ياسمين بيگم سرڪي، جنرل سيڪريٽري اياز حسين چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري خدابخش جوائنٽ سيڪريٽري فيميل صفيہ سلطانہ، خزانچي سيد محمد شاھ، پريس سيڪريٽري لخمير خان جاگيراڻي ۽ آفيس سيڪريٽري حميده خان جکراڻي چونڊيا ويا۔
نئين منتخب ٿينڊڙ ڊويزن جي عهديدارن کي گل جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي چونڊ دوران ڊويزن لاڙڪاڻو جي پنجن ئي ضلعن جي صدورن، جنرل سيڪريٽرن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نئين چونڊجي آيل صدر انيس الرحمان جلباڻي، بشير احمد چانڊيو، احمد سعيد ڪلهوڙو سميت ٻين عهديدارن چيو تہ تعليم جي بهتري لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون وٺي تعليم کاتي ڪوتاهين کي ختم ڪري بهتر ڪيو ويندو تہ جيئن ڪرونا سبب جيڪي اسان جي تعليم جو نقصان ٿيو آهي ان جو پورائو ڪيو وڃي. هنن چيو تہ گورنمنٽ گزيٽيڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جي سمورن ميمبرن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙينداسين ۽ انهن کي ڪڏهن بہ اڪيلو نہ ڇڏبو۔