ڪي اين شاه ۽ ميهڙ تعلقن ۾ نئين ڊان گولي جي انٽري، سندس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج
میھڙ رپورٽر
تفصيل مطابق ڪي اين شاه جي ڳوٺ مراد کوسو جي رهواسي حاجي تاج محمد کوسو جو ڳوٺ راوت لغاري جي ماستر غلام حسين لغاري خلاف احتجاج، تاج محمد کوسو پنهنجن ٻين ڪجھ ڳوٺاڻن سان گڏ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو آھي ته ڳوٺ راوت لغاري جو پرائمري ماستر غلام حسين لغاري 10 سالن کان مسلسل انعامي اسڪيم جي آڙ ۾ ھر مهيني ماڻھن کان لکين رويا لٽي مسڪين پورهيت ماڻھن سان ظلم ڪري نسلن جا نسل تباه ڪري رهيو آھي ۽ هن هڪ وڏي گينگ ٺاهي آھي ۽ ڪي اين شاه ۽ ميهڙ تعلقن توڙي ٻين آسپاس جي علائقن جي مسڪين اٻوجھ ماڻھن کي ٻنهي هٿن سان ڦري لٽي تباه ڪري رهيو آھي۔
هر مهيني 1000 ٽوڪن کولي ٿو چائنا موٽر سائيڪل لاء هر مهيني في ماڻھو کان هڪ هزار ٿو وٺي ۽ سي ڊي موٽر سائيڪل لاء ٻه هزار ٿو وٺي، تاج محمد کوسو جو وڌيڪ چوڻ هيو ته صرف مون هڪ کان هي هينئر تائين ٻه لک ستونجاه هزار ڦري چڪو آھي ۽ هر مهيني قرع اندازي وقت ڪنهن ميمبر کي اطلاع ڪون ٿو ڪري ۽ پنهنجي مرضي جا نالا ڪڍي ٿو ڇڏي جڏهن ته هن جي شرطن مطابق موٽرسائيڪل نه نڪرندڙن کي آخر ۾ جمع ٿيل رقم واپس ڪرڻي آھي مگر هي اها رقم به ڪنهن کي واپس نٿو ڪري۔
هنن آخر ۾ اعلي اختيارين آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڪي اين شاه کي اپيل ڪئي ته ميهڙ ڪي اين شاه جي هن فراڊي ڊان گولي تي ايڪشن کڻي ڪارروائي ڪري هن کان غريب مسڪي اٻوجھ پورهيتن مزدورن جي رقم واپس ڪرائي هن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي۔