وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ هجڻ باوجود صوبا ڪڻڪ ريليز نه پيا ڪن. ڪڻڪ جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ صوبن جو ڪم آهي.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صوبن ۾ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي صوبي جي عوام کي عذاب ۾ نه وجهو، رحم ڪريو. اٽي جي بحران تي وزيراعظم چيو ته اٽي جو معاملو صوبائي آهي، صوبن کي ملن کي ڪڻڪ ريليز ڪرڻي آهي. وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ هجڻ باوجود صوبا ذميواريون ادا نه پيا ڪن. صوبا ڪڻڪ ريليز نه پيا ڪن ته ان جو جواب انهن کان وٺو. صوبي جي عوام کي عذاب ۾ نه وجهو رحم ڪريو.
وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس انتهائي ڪامياب ثابت ٿي، ڪانفرنس جي ڪاميابي قوم جي دعائن جو نتيجو آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. ٻوڏ متاثرين کي ٻيهر آباد ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين. بال اسان جي ڪورٽ ۾ آهي. هڪ هڪ پائي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ فلاح تي استعمال ڪندا آهيون. هاڻ اسان کي محنت ڪري عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.
شهباز شريف چيو ته جنيوا ڪانفرنس دوران گڏيل طور تي 9.7 ارب ڊالر جي امداد جا واعدا ڪيا ويا. سڀني کان وڏي امداد جو اعلان اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان 4.2 ارب ڊالر جو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ 2 ارب ڊالر ۽ ايشن انفرااسٽرڪچر ڊيوالپمينٽ بئنڪ هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو. اي ڊي بي 500 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو. اٽلي 23 ملين يورو ۽ جاپان 77 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو. قطر 25 ملين ڊالر ۽ سعودي عرب هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو.
شهباز شريف چيو ته سعودي عرب هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي جنهن تي اسان سندن ٿورائتا آهيون. جڏهن ته آمريڪا طرفان به 100 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو.
پريس ڪانفرنس دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان موقعي تي چيو ته وزيراعظم صاحب کي مبارڪ هجي ته ان جي پرڏيهي پاليسي ڪامياب ٿي وئي آهي. اسان گذريل 8 مهينن کان جيڪي محنتون ۽ ڪوششون ڪري رهيا هئاسين انهن هاڻ رنگ لاتو آهي. اها اسان جي ڪاميابي آهي. اسان ٽارگيٽ کان وڌيڪ رقم جمع ڪئي. اوڀر کان اولهه تائين سموري دنيا اسان جي مدد ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت هڪ تير سان 2 شڪار ڪيا. هڪ طرف ته اوهان ملڪ جي اندر ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي ته ٻئي طرف عالمي سطح تي پاڪستان کي ڊيفالٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي به ڏيکاريو ته ڪهڙي طرح دنيا پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي.
پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي اعلانن جو تاثر اهو وڃي رهيو ته امداد ملڻ کان پوءِ سمورا مسئلا حل ٿي ويا آهن پر ائين نه آهي. اڄ به ٻوڏ متاثرين پريشان آهن ۽ اهي بي گهر آهن. زراعت کي نقصان پهتو آهي مسئلا تمام گهڻا آهن ۽ متاثرين جو انگ به وڌيڪ آهي. هن چيو ته سياري جي موسم سبب ٻوڏ متاثرين کي تمام گهڻيون پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. سڀني کي التجا آهي ته ڪنهن به قسم جي امداد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اماڻي سگهو ٿا، اها اماڻيون ۽ پنهنجي ٻوڏ متاثر ڀائرن کي مشڪل وقت ۾ ياد رکو.