آءِ ايم ايف جو پاڪستان کان ڊالر ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ موجب ڪرڻ جو مطالبو

0
77

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان ڊالر ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ موجب ڪرڻ ۽ هٿرادو پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب جنيوا ڪانفرنس جي سائيڊ لائن تي آءِ ايم ايف وفد سان وفاقي وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪندو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.


ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پاڪستان ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ موجب ڪري، ايڪسچينج ريٽ تي هٿرادو پابندي ختم ڪري.
ذريعن موجب پاڪستان کي 30 جون 2023 تائين پيٽروليم ليوي 855 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو پلان ڏيڻو هوندو، جنهن لاءِ ڊيزل تي ليوي فوري طور 32.5 رپيا وڌائي 50 رپيا ليٽر ڪرڻي پوندي، گئس جي شعبي ۾ 1500 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ختم ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ گئس جا ريٽ وڌائڻا هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سبسڊيز جو خاتمو چاهي ٿو، آءِ ايم ايف ٽيڪس آمدني ۾ 300 ارب رپين جو واڌو مطالبو به ڪري رهيو آهي، پاڪستان کي بجلي جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ بجلي جا ريٽ وڌائڻا پوندا، آءِ ايم ايف بجلي جو في يونٽ ريٽ 3.5 رپيا وڌائڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي.
ذريعن موجب اسحاق ڊار آءِ ايم ايف کان رليف جي درخواست ڪندو، هو آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان به ملاقات ڪندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here