ڏوڪري جي مڱريا ڳوٺ مان نوجوان ناري مبينا طور اغوا اين سي داخل

0
294

ڏوڪري رپورٽ: ڏوڪري جي مڱريا ڳوٺ مان نوجوان ناري ثمينه مڱريو مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي وارثن ڏوڪري ٿاڻي تي 4 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪرائي ورتي آهي ان ڏس ۾ مبينا طور اغوا ٿي ويل ناري جي امڙ امير زادي مڱريو ڏوڪري ٿاڻي شهمير مڱريو، صفر مڱريو، امير علي ۽ بکر مڱريو خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مٿيان جوابدار سندس ڌي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن نوٽيس وٺي ڌي کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ناري جي وارثن جي فرياد تي چئن ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي ناري کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here