قمبر: ٻارڙن جي ڳالھ تان چانڊيہ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙو ٻہ ڄڻا زخمي

0
217

قمبر:(رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر – ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعد ﷲ چانڊيو ۾ ٻارڙن جي معاملي ڳالھ تان چانڊيہ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ ٻہ ڄڻا زخمي ٿي پيا جن جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ميروخان پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد چانڊيو، ارشاد چانڊيو، مسمات زبيده، مسمات نصيبان ۽ ٻين چيو تہ مخالف ڌر جا ماڻهو اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ صدام حسين، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻيا اسان جي گهرن ۾ اچي گار گند ڪري رهيا آهن پر پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو تہ هنن جا ماڻهو پوليس ۾ آهن، هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جاري رهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here