ٿرپارڪر ضلعي ۾ وڄون ڪرڻ سبب ٻہ ٻار فوت، چوپايو مال بہ مري ويو

0
208

غلام رحيم جوڻيجو

ڪلوئي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ اڄوڪي برسات دوران مختلف علائقن ۾ وڄون ڪرڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع، تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ پاٽار ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٻه ٻڪريون مري ويون ۽ ٻه ڄڻا بيهوش ٿي ويا، تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ڦاڙهارو ۾ وڄ ڪرڻ سبب ست ٻڪريون مري ويون، تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڏاڪڻيون راهمان ۾ وڄ ڪرڻ سبب اٺن سالن جي نينگري عاصمه ڌيءَ عبدالرزاق فوت ٿي ويئي، ڳوٺ پوڇانڊو پار ۾ وڄ ڪرڻ سبب تارو پٽ ھرچند ڀيل فوت ٿي ويو، ان کانسواء مختلف علائقن ۾ وڻن تي وڄن ڪرڻ جا اطلاع مليا آھن، اڄ بروز جمعي کان برساتن وسڻ جو سسٽم لڳ ڀڳ 27 آگسٽ تائين جاري رهندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here