سنڌ سڀا جي پيادل مارچ تي ٿيل پوليس گردي خلاف سنڌي راڄوخاناڻي ادبي سنگت پاران احتجاج

0
225

(رپورٽ سفير نظاماڻي )

راڄوخاناڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، احتجاج ۾ ترقي پسند پارٽي عوامي تحريڪ. سياسي سماجي اتحاد۔

نوجوان اتحاد جي اڳواڻڻ شرڪت ڪئي، خاڪي جاني، سفير نظاماڻي ميرعاشق، محمد حسن جعفري هري رام، اسماعيل شيدي، اڪرام الاهي، ميرجنيد ۽ ٻين چيو تہ سنڌ سڀا جي پر امن پيادل مارچ جي رستا روڪ ڪري نياڻن کي ٿاڻي ويھارڻ انعام عباسي ۽ ٻين تي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ رياست جي اندر رياست هلائڻ جو عمل آھي۔

اهڙي پوليس گردي خلاف سنڌ سراپا احتجاج آھي، جلد کان جلد اوٻاڙو واقعي جي سپريم ڪورٽ ذريعي تحقيق ڪرائي ملوث عملدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن مان جيڪڏھن ڪو مجرم آھي تہ ان کي آئين قانون مطابق ڪورٽ آڏو پيش ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here