سنڌ حڪومت پنهنجن سمورن ادارن ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن؛ ڄام اڪرام الله ڌاريجو

0
194

ڪراچي:  جماعت اسلامي سنڌ جي هڪ وفد صوبائي وزير صنعت، واپار ۽ انسداد بدعنواني ۽ گڏيل امداد کاتي ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان ان جي دفتر اولڊ جي ڊي بلڊنگ ۾ ملاقات ڪئي، وفد ۾ اسدالله ڀٽو، نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان، محمد حسين محنتي، امير جماعت اسلامي سنڌ، حزب الله جکهرو، سلطان لاشاري امير جماعت اسلامي سکر ۽ تشڪيل احمد صديقي امير جماعت اسلامي گهوٽڪي شامل هئا، وفد صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان صوبه سنڌ خاص ڪري ڪراچي جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد سان گفتگو ڪندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جا مسئلا حل ڪري ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ موثر قدم ڪري رهي آهي۔

ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني سان تعاون ڪرڻ تي تيار آهيون. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجن سمورن ادارن ۾ ريڪارڊ ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪيو آهي ۽ موجوده سنڌ حڪومت صوبي ۾ روزگار جي فراهمي لاءِ صوبي جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ انڊسٽريل زون قائم ڪري رهي آهي، هن چيو ته وفاقي سليڪٽڊ حڪومت جي پاليسن کان سڀ پريشان آهن۔

آئي ون پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي باعث مهانگائي جو طوفان اچي رهيا آهن پر وفاقي حڪومت کي غريب عوام جو ڪوئي احساس نه آهي، صوبائي وزير صنعت، واپار ۽ انسداد بدعنواني ۽ گڏيل امداد کاتي ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته صوبي جي ترقي لاءِ سڀ ملي ڪري ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صوبي جي ترقي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن جماعتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ وٺي ڪري هلڻ چاهي ٿي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here