سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)
جساف جسقم سڪرنڊ جي شاگردن سيف رند ۽ محب رند جي اڳواڻيءَ ۾ شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۽ سنڌ جي ٻين تعليمي ادارن ۾ ڪوڙن ڊوميسائيلن تي ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد بينظير وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ ٻين صوبن جي شاگردن کي ڪوڙن ڊوميسائيلن تي داخلائون ڏنيون ويون آهن ، جيڪو سنڌ جي شاگردن جي حقن تي ڌاڙو آهي۔
هنن اهو به چيو ته سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ ڪوڙن ڊوميسائيلن تي داخلا ڏني پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين . هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪندي چيو ته اهڙيون غير قانوني ۽ غير آئين داخلائون رد ڪري سنڌ جي شاگردن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن ، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جا شاگرد سخت احتجاج ڪندا، مظاهري ۾ زيغم شاه ، محراب سومرو ۽ اختر رند پڻ موجود هئا۔