ڏوڪريءَ ۾ نقلي نوٽ عام ٿي وڃڻ بعد واپاري اڳواڻن پاران احتجاج

0
345

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ نقلي نوٽ عام ٿي وڃڻ بعد واپاري اڳواڻن احتجاج ڪري انتظاميا کان ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڏوڪريءَ جي واپاري تنظيم جي اڳواڻن حميد جيسر، مظهر گلال، معشوق جتوئي ۽ ٻين ڏوڪري پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪيو. واپارين جو چوڻ هو ته ڏوڪري شهر ۾ هڪ منظم سازش تحت نقلي نوٽ عام ٿي ويا آهن، جنهن ڪري روزانو دڪاندارن کي هزارين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي۔

واپارين جو چوڻ هو ته گذريل ٻن مهينن کان نقلي نوٽ بازار ۾ عام آهن جنهن خلاف دڪاندارن پاران انفرادي طور تي ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي آفيس وڃي دانهيون آهي، پر ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته واپارين پاران ڏوڪري ٿاڻي تي شڪايت داخل ڪرائي آهي، جتي نقلي نوٽ پڻ ڏيکاريا ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڏوڪريءَ ۾ نقلي نوٽن جي واهپي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن واپاري وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن. هوڏانهن سماجي اڳواڻ علي محمد ڏيرو ڊي ايس پي ڏوڪري ۽ ايس ايڇ او ڏوڪري کي درخواست ڏني آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ڳوٺ ڏيرا جو رهواسي صدام ڏيرو ننڍي عمر جي ٻارن کي لالچ ڏئي شهر جي ماڻهن کي استعمال ڪري رهيو آهي. هن درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته پنج هزار ۽ هڪ هزار جا جعلي نوٽن جو ڪاروبار ڪري رهيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here