يتيم نياڻي سان اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري ۽ پوليس جي نااھلي خلاف سوين شهرين جو احتجاجي مظاھرو

0
276

رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر: ميمڻ برادري طرفان ڇڄڙا برادري جي بااثر وڏيرن، يتيم نياڻي سان اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري ۽ پوليس جي نااھلي خلاف شہداء چونڪ تي سوين شهرين طرفان شهباز ميمڻ، فياض ميمڻ ،پي ٽي آئي اڳواڻ صدام حسين گوپانگ، هيومن رائيٽس پروڊيڪشن جي ضلعي اڳواڻن حسين بخش ميمڻ، علي مرادن بروھي، عاشق علي سومرو قاضي نياز حسين احمد نواز مغيري طرفان ٽائرن کي باهيون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تہ ڳوٺ ڇڄڙا ۾ افسوس ناڪ واقعو جنهن واقعي هڪ مايوسي پکيڙي ڇڏي آهي۔

ڪجهہ ڏينهن اڳ ياسمين بنت مرحوم محمد هاشم ميمڻ ٽيوشن سينٽر تي وڃي رهي هئي تہ 3 اوباش نومي عرف (عقيل)،مُعين ۽ فائز ڇڄڙو جيڪي رستي ويندڙ نياڻي کي اڪيلو ڏسي کنڀي زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ۽ ميڊيڪل رپورٽ ۾ تصديق ٿيڻ جي باوجود پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي تہ گرفتار ڪون ڪري سگهي پر نياڻي جي مالڪن تي ڪوڙا ڪيس ڪري سندن کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تہ
اسين وزير اعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران علي قريشي سميت اعلي’ ادارن کان گُهر ڪيون ٿا تہ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسين نياڻي جي وارثن سان هرمحاظ تي گڏ آهيون جيستائين ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا نہ ڏني وئي تيستائين مظلوم نياڻي جي وارثن سان گڏ بيٺل آهيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here