مردن، عورتن ۽ ٻارڙن صحافي چوڪ سڪرنڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

0
166
sakrand protest

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ڇتن شاه جي رهواسين گلزار ليل مختيار ليل ، محمد حسن ليل ، مسمات حضوران ، سڪينه ۽ ڄام زادي برادريءَ جي مردن ، عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ صحافي چوڪ سڪرنڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو۔ ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته حاجي خان شاه ، مهدي شاه ، شير شاه ۽ ٻيا ڳوٺ جي رستي تان لنگهڻ نٿا ڏين ، هنن اسان تي هلان ڪري سخت تشدد ڪيو آهي جنهن ۾ نواب ليل زخمي ٿي پيو آهي جيڪو زير علاج آهي۔

هنن اهو به چيو ته هو با اثر آھن ۽ ناصري پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ، هنن چيو ته ناصري پوليس با اثرن جي ونگار وهندي اسان جا ٻه ماڻھو محبوب ۽ وحيد ليل گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، هنن اعلٰى اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته اسان جا گرفتار ٿيل ماڻھو آزاد ڪيا وڃن ۽ داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي . مظاهري ۾ ليل برادريءَ جا مرد ۽ عورتون وڏي انگ ۾ موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here