وارھ ۾ قلم ڌڻين جو احتجاج

0
179

وارھ: مظفر قاضي

وارھ ۾ قلم ڌڻين جو احتجاج، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر صحافي ظفر ابڙو ۽ يونين آف جرنلسٽ جي صدر سرڪش سڌايو سميت ٻين صحافين جو ميڊيا ٽرائل بند ڪرڻ جو مطالبو، صحافين ذوالفقار چانڊيو نظير ڇٽو بشير ميرجت قاضي مظفر اياز چانڊيو راجا هوشو کهاوڙ ظھور چانڊيو سڪندر تنيو شفيق عباسي، نياز حيدري فياض چانڊيو، گلشن کٽياڻ اصغر ميراسي احتجاج ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو جو بااثر ٺيڪيدار سيف الله ابڙو ۽ ان جا حمايتي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي سينيئر صحافين جو ميڊيا ٽرائل ڪري من گھڙت الزام لڳائي رھيا آھن جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھُنن وڌيڪ چيو ته يونين آف جرنلسٽ اڳواڻن جو ميڊيا ٽرائل بند نه ٿيو ته سموري ملڪ سميت سنڌ اندر احتجاج ڪيو ويندو صحافين جو ميڊيا ٽرائل ڪري عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي صحافي حق سچ جو ساٿ ڪڏھن به نه ڇڏيندا ھُنن مطالبو ڪيو ته صحافين مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام ھڻندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here