ڀارت معاشي سرگرمين ۾ نامناسب طور خلل وجهي رهيو آهي: چين

0
236

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين چيو آهي ته سرحدي تڪرار دوران ڀارت چيني ڪمپنين جي معاشي سرگرمين ۾ نامناسب طور خلل وجهي رهيو آهي. واضح رهي ته ڀارت سومر ڏينهن چيني ڪمپنين جي ملڪيت 59 انٽرنيٽ ايپليڪيشنز تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، جڏهن ته اهڙين چيني ڪمپنين کي پڻ بليڪ لسٽ ڪيو پيو وڃي، جيڪي ڀارت ۾ وڏا منصوبا تعمير ڪري رهيون هيون. چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته بيجنگ حڪومت ان جي ردعمل ۾ ڪو قدم نه کنيو آهي ۽ معمول جي صورتحال ڏانهن واپسيءَ ۾ ئي ٻنهي ملڪن جو فائدو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here