ڪورونا: سنڌ ۾ رڪارڊ 74 فوتگيون، ملڪي سطح تي متاثرن جو انگ 2 لک 8 هزارن کان وڌي ويو

0
213

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 741 ڪيس ۽ 100 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 2 لک 8 هزار 388 ۽ فوتين جو ڪُل انگ 4 هزار 254 ٿي ويو آهي

سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 539 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي ۽ 74 فوتگيون پڻ سامهون آيون

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته هڪ هزار 539 تازن ڪيسن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 81 هزار 985 ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 74 فوتگين کانپوءِ سنڌ ۾ فوتين جو ڪُل انگ هڪ هزار 343 تي پهچي چڪو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here