ڪورونا: پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن اندر 126 فوتگيون، 5 هزار 235 نوان ڪيس

0
209
People wearing protective facemasks walk out from a Pakistan-based Chinese company in Islamabad on January 30, 2020, after instructions from Pakistani authorities to take preventive measures against the coronavirus. - A virus similar to the SARS pathogen has killed 170 people and spread around the world since emerging in a market in the central Chinese city of Wuhan. (Photo by Aamir QURESHI / AFP)

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ 126 فوتگيون ۽ 5 هزار 235 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

تازين فوتگين ۽ ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو ڪُل انگ هڪ لک 62 هزار 973  ۽ فوتين جو گڏيل انگ 3 هزار 159  تي پهچي ويو آهي.

سنڌ

سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 2 هزار 286 ڪيسن جي تصديق سان گڏوگڏ 48 فوتگيون به رپورٽ ٿيون.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 11 هزار 44 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2 هزار 286 ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو ڪُل انگ 62 هزار 269 ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 48 مريضن جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌ ۾ فوتين جو گڏيل انگ 964 تي پهچي ويو آهي.

پنجاب

پنجاب ۾ خميس ڏينهن 1899 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 53 فوتگيون پڻ سامهون آيون.

سرڪاري سطح تي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 60 هزار 138 ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 53 مريضن جي لاڏاڻي کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو ڪُل انگ 1202 ٿي ويو آهي.

خيبر پختونخواهه

خيبر پختونخواهه ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا جي 569 نون ڪيسن جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 20 هزار 182 ٿي ويو آهي.

ڪي پي ۾ وائرس سان وڌيڪ 18 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 773 ٻڌايو ويو آهي.

اسلام آباد

اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 9 هزار 637 ٻڌايو ويو آهي.

انگن اکرن موجب شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 395 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

اهو به ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي تخت گاهه ۾ هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 4 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ شهر ۾ فوتين جو گڏيل انگ 94 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان

گلگت بلتستان ۾ خميس ڏينهن ڪورونا جي 49 نون ڪيسن سان گڏوگڏ هڪ فوتگي جي به تصديق ٿي.

گلگت ۾ ڪورونا سان متاثرن جو گڏيل انگ هڪ هزار 213، جڏهن ته وبا سان فوت ٿيندڙن جو انگ 18 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير

آزاد ڪشمير ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 37 نون ڪيسن ۽ 2 فوتگين جي تصديق ٿي آهي.

انگن اکرن موجب نون ڪيسن کانپوءِ آزاد ڪشمير ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 740 ۽ فوتين جو انگ 15 ٿي ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here