پوليس ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ عورت سميت ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، احتجاج

0
153

وارھ: مظفر قاضي

وارھ ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ خان بلاڻي مان 18 ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل ڳوٺ جي نيڪ مرد پٺاڻ بلاڻي عورت زاهده چانڊيو سميت ڇهن ڄڻن جو پتو نه پيو، وارثن دوستن علائقي جي معززن وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري احتجاج ڪندڙن پوليس خلاف سخت نعريبازي آزاد ڪيو آزاد پٺاڻ چانڊيو سنڌ جي نياڻي زاهده چانڊيو سميت سمورن گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو جا نعرا هئا۔

ان موقعي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي پوليس رات جو تقريبن هڪ وڳي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪري ڳوٺ جي چڱي مڙس پٺاڻ بلاڻي ثناء اللہ بلاڻي عورت زاهده بلاڻي سميت ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي۔

اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي پوليس اسان جي پيارن کي ڪوڙو ڪيس ڄاڻائي فل فرائي نه ڪري ڇڏي
اسان مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسان جي ڪوبه دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، اسان اعلي اختياريون کان مطالبو ڪيو ته اسان جا گرفتار ڪري گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here