وڳــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري
وڳڻ ڀرسان ڳوٺ ڀولاڪلهوڙا ۾ ڪجھ ڏيهن اڳ سعيد خاصخيلي ۽ شاهدان ڪلهوڙو گهر مان نڪري ڪراچي ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هيو، تنهن تي شاهدان جي وارثن خاصخيلي برداري جي نيڪ مرد معشوق علي خاصخيلي ۽ ان جي پٽ وحيد خاصخيلي جي مٿان ناري جي اغواء جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيو آهي۔
معشوق علي خاصخيلي عوامي پريس ڪلب وڳڻ ۾ پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس بيگناه منهنجي گهر تي ڇاپو هڻي منهنجي ٻچڙن لاء پيل کائڻ جو سمورو اناج ۽ 7 مهينون ڪاھي ويا آهن اسان جو پيار پرڻو ڪندڙ سعيد خاصخيلي سان ۽ شاهدان سان ڪوبه واسطو ناهي۔
جن ها۽ ڪورٽ ڪراچي ۾ وڃي پيار جو پرڻو ڪيو آهي ۽ شاهدان جي وارثن اسان مٿان اغوا۽ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي، احتجاج ڪندڙن آ۽ جي سنڌ ۔ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کان پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پکو پوليس اسان جو وڏو نقسان ڪيو آهي انه جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فرحام ڪيو وڃي۔