ڪورونا وائرس وڌيڪ 12 حياتيون ڳڙڪائي ويو، 657 ٻيا متاثر ٿيا، وڏو وزير

0
190

ڪراچي (28 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 12 مريض فوت ٿيا جنهن کانپوءِ ٽوٽل انگ 3969 ٿي ويو آهي جڏهن ته 12151 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 657 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 12 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن جنهن کانپوءِ انگ وڌي 3969 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي۔

مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 12151 نمونن جي جانچ ڪئي وئي ۽ 657 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 5.4 سيڪڙو آهن، هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2688206 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن جن مان 244339 ڪيس پڌرا ٿيا آهن جن ۾ 91 سيڪڙو يعني 222623 مريض صحتياب ٿيا جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 586 پڻ شامل آهن۔ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 17747 مريضن جو علاج جاري آهي جن ۾ 16863 گهرن ۾، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 872 مختلف اسپتالن ۾ آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته 799 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن مان 86 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي 657 نون ڪيسن مان 413 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 182، ضلع ڏکڻ 147 ۽ ضلع سينٽرل 59، ضلع ملير 17، ضلع اولهه 6 ۽ ضلع ڪورنگي 2 ڪيس آهن. حيدرآباد 90، ڄامشورو 20، شهيد بينظير آباد 19، عمرڪوٽ 13، نوشهروفيروز 12، بدين ۽ ميرپورخاص 11-11، جيڪب آباد 7، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ گهوٽڪي 6-6، سجاول ۽ سکر 5-5، لاڙڪاڻو ۽ ٺٽو 3-3، ڪشمور 2، دادو ۽ سانگهڙ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا، سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here