چيلھار ڀرسان ناري کوھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

0
300

ٿرپارڪر :عبدالرحمان جوڻيجو

چيلھار ڀرسان ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ غير شادي شده ناري مومل ڌي کئينراج مينگهواڙ کوھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. چيلھار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کوھ منجھان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو آهي۔

واضع رهي ته 2 سال پھريان آدم دل جنهن هن نينگري سان زيادتي ڪئي جنهن جي خلاف ميگھ سماج سٿ مٺي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص, ٽنڊواليھار ۽ ڪراچي ۾ احتجاج ڪري چيلھار ٿاڻي تي ايف آئي آر ڪٽرائي پر وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته نياڻي کي انصاف فراھم نه ٿيو ۽ سماج جي ذھريلن طعانن کي برداشت نه ڪندي ناري ڏکويل زندگي جو انت آڻي خودڪشي ڪري ڪري ڇڏي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here