وڳــــڻ وي اين ايس نــــيوز
رپورٽر حسن علي مغيري
ٽائون وڳڻ ۽ اردگرد وارن علائقن م زرعي پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري زمينون بنجر ٿي ويون آھن ھر سال شاخون پاڻي ۾ ڀريل ھونديون ھيون پر ھن سال پاڻي وقت تي نه ملڻ جي ڪري لکين ايڪڙ سارين جو فصل نه ٿيڻ جو خدخشو ھارين ۾ خوف جي لھر ۽ پريشاني چايل آهي۔
سنڌو درياء کان نڪرڻ وارو رائيس ڪئنال فيڊر جيڪو ضلعي جي مختلف نڍن وڏن شاخن کي پاڻي فرھام ڪري ٿو ھتي ته اھو به سڪي ويو آھي ۔نورنگ شاخ ۔گٺ شاخ۔چيلو شاخ۔وارھ شاخ۔نصير شاخ ۔وڳڻ شاخن سميت ھڪ مھيني کان وڌيڪ وقت گزري ويو آھي پر اڃان تائين پاڻي جي قلت برقرار آھي زرعي پاڻي جي قلت ڪري سارين جو فصل اڃان تائين نٿيڻ جي ڪري ھارين کي ڪروڙي روپين جو نقصان ٿيڻ جا خدشا آھن۔
ھارين جو چوڻ آھي ته ھر سال مئي مھيني ۾ اسان جي شاخن ۾ پاڻي اچي ويندو ھيو ۽ اسين سارين جو ٻج وقت تي پوکيندا ھياسين پر ھن سال پاڻي جو وڏو مسئلو آھي جي اڳر حڪومت وقت سان پاڻي فرحام نه ڪيو ته اسان کي وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو اسين سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ٿا ته اسان کي شاخن ۾ پاڻي ڏئي ڪري پريشاني ۽ نقصان کان بچائين۔