واٽس اپ جي اپڊيٽ پاليسي بابت پاڪستاني صارفين جي خدشن کان چڱيءَ ريت واقف آهيون، وفاقی وزیر

0
227
Syed Aminul Haque

وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن سيد امين الحق چيو آهي ته اسان سوشل ميڊيا ايپ واٽس اپ جي اپڊيٽ پاليسي بابت پاڪستاني صارفين جي خدشن کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ۽ سڀني معاملن جو ويجهڙائي کان جائزو وٺڻ کانپوءِ اسان پنهنجين پاليسين کي ترتيب ڏيون پيا، جنهن تحت پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل جي تياري، سرڪاري ملازمن لاءِ چيٽنگ ايپليڪيشن تي ڪم ۽ سوشل ميڊيا ڪمپنين سان رابطن کي تيز ڪيو ويو آهي. جمعي تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ آئي ٽي جي وفاقي وزير چيو ته WhatsApp جي متنازع اپڊيٽ پرائيوسي پاليسي تي في الحال بحث هلندڙ آهي۔

جيتوڻيڪ واٽس ايپ جي انتظاميا جي وضاحتي بيان مطابق پرائيوسي پاليسي انفرادي صارفين تي نه پر ”بزنس ڪنزيومر“ تي لاڳو ٿئي ٿي، پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن فيسبوڪ 2014 ۾ واٽس اپ خريد ڪيو هو ته انهن پاران چيو ويو ته اهي پنهنجي پرائيويسي پاليسين کي تبديل نه ڪندا، ان کانپوءِ 2016 ۾ واٽس ايپ استعمال ڪندڙ صارفين کي اختيار ڏنو ته اهي ٻين ڪمپنين کي پنهنجي ڄاڻ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا نه نٿا ڏين، پر انهن پنهنجي عالمي ڪميٽمنٽ جي ابتڙ پنهنجي تازو اپ ڊيٽ پاليسي کي صارفين جي قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايپلي ڪيشن ڊيليٽ ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها ڳڻتي جوڳي ضرور آهي ڇو ته اهو حق صارف کان نٿو کسي سگهجي ته اهو پنهنجو ڊيٽا ڪنهن سان شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏئي يا نٿو ڏئي، ان تي ڪابه ڪمپني پنهنجي مرضي نٿي هلائي سگهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته انهيءَ سان صارفين جا حق متاثر ٿي سگهن ٿا۔

سيد امين الحق جو چوڻ هو ته جيڪڏهن واٽس اپ اڳ ۾ ئي پنهنجي نئين پاليسي جاري ڪري چڪو آهي ته ان کان اڳ صارف جي راءِ ضرور پڇا ڪرڻ گهرجي ها پوءِ سڄي دنيا لاءِ برابر پاليسي هجي ها پر يورپ، برازيل ۽ آمريڪا ۾  انهن نئين پاليسين جو لاڳو نه ٿيندو جنهن جو بنيادي ڪارڻ اتان جون سخت پرائيويسي پاليسيون آهن جنهن جي پيروي ڪرڻ جو WhatsApp پابند آهي. آئي ٽي جي وفاقي وزير چيو ته واٽس ايپ پاران صارفين جي حساس ڊيٽا شيئرنگ پاليسي کانپوءِ هاڻي لازمي ٿي چڪو آهي ته اسان پنهنجي شهرين جي پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل تي پنهنجي ڪم کي تيز ڪريون ته جيئن پنهنجن شهرين جي پرائيوسي کي جلد کان جلد محفوظ بڻائي سگهجي۔

هن چيو ته اسان ان حوالي سان گذريل هڪ سال کان پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل مسودي تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهي سلسلي ۾ خميس ڏينهن حتمي جائزو اجلاس سڏرايو جنهن ۾ تفصيل سان سڀني مسئلن تي غور ويچار کانپوءِ انهيءَ کي گهڻي ڀاڱي فائنل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي ڪجھ ڏينهن ۾ لاڳاپيل کاتي ڏانهن موڪليندي قانون سازي لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. سيد امين الحق جي مطابق انهيءَ بل ۾ بنيادي اهميت بطور ”سبجيڪٽ“ هڪ عام پاڪستاني صارف کي ڏني وئي آهي جڏهن ته بل جي تياري ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري جو هڪ ڊگهو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن جي به حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. ساڳي ريت بين الاقوامي قانون کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي جغرافيائي اهميت جي حوالي سان به خاص ڌيان ڏنو ويو آهي۔

وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا لاءِ ڪجهه هفتا اڳ ئي قانون لاڳو ڪيا ويا آهن انهن ضابطن ۾ اهو شامل آهي ته سڀ سوشل ميڊيا ڪمپنيون پنهنجن رابطن جي آفيسن کي پاڪستان ۾ قائم ڪن ته جيئن حڪومت، ڪمپنين ۽ صارفين ۾ جلد رابطن کي يقيني بڻائي سگهجي جنهن لاءِ اسان انهن ڪمپنين پاران جواب جو انتظار ڪريون پيا۔ هن چيو ته جيتري حد تائين واٽس اپ جهڙي پاڪستاني ايپليڪيشن جي تياري جو تعلق آهي ته اهو واضح ڪندو هلان ته وفاقي ڪابينا تازو ئي آءِ ٽي وزارت کي ڄاڻايل ٽاسڪ ڏنو آهي ته حڪومتي عملدارن ۽ ملازمن لاءِ واٽس اپ جهڙي هڪ اهڙي ايپليڪيشن جوڙي وئي جنهن جو نه رڳو سمورو ڊيٽا پر ان تي ڪيل ڳالهه ٻولهه به محفوظ هجي ڇوته هن وقت دستياب سڀني چيٽنگ ايپليڪيشن جو ڊيٽا، ڀارت ۽ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ محفوظ هوندو آهي جيڪو ڪنهن به وقت سيڪيورٽي جي لحاظ سان ڏکائين جو سبب بڻجي سگهجي ٿو۔

ان سلسلي ۾ سموري شروعاتي تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن ۽ اميد آھي ته جون 2021 تائين اسان ”سمارٽ آفيس“ نالي ھڪ ايپليڪيشن شروع ڪري سگھنداسين البته اها آزمائيشي بنيادن تي هوندي جنهن ۾ ايندڙ امڪاني خرابين ۽ رنڊڪن کي ختم ڪندي پوءِ ساڳي ايپليڪيشن کي هڪ حصي کي يا اهڙي طرح جي ٻي ايپليڪيشن (ڪنهن ٻئي نالي سان) کي عام پاڪستاني صارفين لاءِ به لانچ ڪئي ويندي ۽ اها مڪمل ريت محفوظ اپيليڪيشن هوندي. ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو پر موجوده وقت ۾ ٿيندڙ تيزي سان ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکندي اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هن ايپليڪيشن کي جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here