ڏوڪري
باقراڻي تعلقي جي يونين ڪائونسل ماٽو جي ڳوٺ غلام محمد مغيري، شير علي مغيري، لطيف آباد ۽ مخلتف ڳوٺن جي مغيري برادري جي معززين برادري سميت پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري انڙ گروپ ڪي سرواڻ عادل الطاف حسین انڙ جي موجودگي ۾ انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان، تقريب ڪوٺائي وئي ان ڏس يونين ڪائونسل ماٽو جي ڳوٺ غلام محمد مغيري، شير علي مغيري ۽ لطيف آباد جي مغيري برادري جي معززين حاجي محمد اسماعيل مغيري، محمد مٺل مغيري، محمد رمضان مغيري، ديدار علي مغيري، غلام علي مغيري، ڪريم بخش مغيري، شعبان مغيري، ﷲ بخش مغيري، محمد ابراهيم مغيري ۽ ٻين پنهنجي برادري سميت پيپلز پارٽي کي ڇڏي انڙ گروپ جي عادل الطاف خان انڙ جي هٿ تي انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو۔
ان موقعي تي انڙ گروپ اڳواڻ عادل الطاف انڙ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، سنڌ جي عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي سگهي آھي۔ ھن چيو ته اسان جي وڏڙن به ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ اسان به پنهنجي وڏڙن جي نقشي قدم تي هلندي عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهيا آهيون۔
هن چيو ته عوام جي لاءِ علي آباد جا دروازا ھر وقت کليل آھن انشاء الله عوام جي حمايت ۽ سندس ووٽ جي طاقت سان ايندڙ بلدياتي اليڪشن کٽينداسين ۽ عوام جي خدمت ڪنداسين ان موقعي تي ساڻس گڏ آل سنڌ مغيري اتحاد جو اڳواڻ رئيس طاهر خان مغيري، سيد نور محمد شاھ، سيد مرزان علي شاھ، سيد علي اصغر شاھ، اڳوڻو ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، يوسي ماٽو جو اڳوڻو چيئرمين فاروق احمد خان جتوئي، ذوالفقار علي جتوئي، رئيس مظفر خان چانڊيو، مير شڪيل بروهي، علي اصغر ميمڻ، ديدار شيخ، خادم حسين بروهي غلام سرور گاڏهي، سرائي اسلم نوناري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔