پي ٽي آئي کي لاڙڪاڻي ۾ وڏو ڌچڪو، پي ٽي آئي جي صوبائي اڳواڻ شفقت حسين انڙ پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
178

ڏوڪري: پي ٽي آئي کي لاڙڪاڻي ۾ وڏو ڌچڪو، تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ شفقت حسين انڙ پ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي هٿ تي ۽ صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ طارق انور سيال جي موجودگي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

ان موقعي تي شفقت حسين انڙ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف کي الوداع ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪريان ٿو، هن وڌيڪ چيو ته واحد پيپلزپارٽي آهي جيڪا عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي۔

هوڏانهن صوبائي وزير سهيل انور سيال، پ پ اڳواڻ طارق انور سيال جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت شفقت حسين انڙ کي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪري ٿي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here