قمبر: ماهي مڪول ٿاڻي جي پوليس هٿان 25 سالن جو نوجوان تشدد ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل

0
342

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

ماهي مڪول ٿاڻي جي پوليس هٿان 25 سالن جو نوجوان تشدد ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل، تفصيل موجب قمبر جي ماهي مڪول ٿاڻي جي پوليس 25 سالن جو نوجوان ضمير چانڊيو تشدد ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو، پوليس اهلڪار ويھ ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي ضمير چانڊيو کي ستون ميل پولیس چونڪي تي بانڌي بڻائي ڇڏيو هو۔

گذريل رات نوجوان ضمير چانڊيو کي تشدد ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري وارثن کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد وارث لاش کڻائي سول اسپتال قمبر پهتا، ان موقعي تي فوتي جي ماءُ عائشہ خاتون چانڊيو ۽ ڀاءُ نذير چانڊيو ۽ ٻين اسپتال ۾ احتجاج ڪيو ۽ وی این ایس سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جي نوجوان کي ويھ ڏينهن اڳ بنا جواز گرفتار ڪري ماهي مڪول ٿاڻي جا اهلڪار گرفتار ڪري کڻي ويا هئا۔ جنهن جا لکين رپيا رشوت گهري رهيا هئا نہ ڏيڻ تي پوليس اهلڪارن کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، اهڙي خبر پوڻ تي پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو، سيد عتيق شاھ راشدي وارثن سان يڪجهتي طور اسپتال پهچي ويا جن نوجوان جي قتل جي ايف آئي آر پوليس مٿان داخل ڪرڻ جي گهُر ڪئي تہ نوجوان جي قتل جو ڪيس ايس ايڇ او سميت ملوث پوليس اهلڪارن مٿان داخل ڪيو وڃي۔

جنهن کان پوءِ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران علي قريشي اسپتال ۾ وارثن وٽ پهچي پوليس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو، جنهن بعد نوجوان جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا ۽ حد جي ماهي مڪول ٿاڻي تي خادم حسين جي فرياد تي پوليس هٿان قتل ٿي ويل نوجوان جو ستن ڄڻن ايس ايڇ او ماهي مڪول واحد بخش لاشاري، ايس آءِ منور لاهوري، اي ايس آءِ عبدالواحد کيڙو، پي سي شفقت هليو، نعمت هليو، ۽ نياز جوڻيجو مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو جڏهن تہ ڪيس ۾ گهربل جوابدر فرار ٿي ويا ۽ آخري اطلاعن تائين ڪا بہ گرفتاري عمل ۾ اچي ناهي سگهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here