وڳڻ رپورٽر حسن علي مغيري
وڳڻ واسي معذور نوجوانن جو معذور ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف مين مک چوڪ تي احتجاج ڪري نوڪري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، وڳڻ جي پراڻي شاهي بازار پاڙي جي رهواسين معذور صدام حسين راهوجو آصف علي پٺاڻ ۽ ٻين پاران سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا خلاف مک چوڪ تي احتجاج ڪندي چيو ته ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي انتظاميا اسان جهڙن پئدائشي معذور نوجوانن کي ڄاڻي واڻي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪيو آهي ۽ معذور ڪوٽا تحت اسان کي نوڪريون ناھن ڏنيون ويون۔
هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيترا ئي ڀيرا ڊي سي قمبر سان ملڻ لاء ويا آهيون مگر اسان کي ان سان نه ٿو ملايو وڃي اسان ھن مھانگائي جي دؤر ۾ زندگي وڏي سخت طريقي سان گذاري رھيا آھيون، مزدوري پڻ نٿا ڪري سگھون ڪنهن آڏو ھٿ ٽنگڻ عيب سمجھون ٿا ان ڪري اسان کي نوڪريون ڏئي بيروزگاري ۽ مفلسي کان بچايو وڃي جيڪو اسان جو حق آهي وس وارا نوٽيس وٺي معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏياري۔