قانون تحت سنڌ حڪومت ڪنهن کي به ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري سگهي ٿي، نثار کھڙو

0
200

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته قانون تحت سنڌ حڪومت ڪنهن کي به ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري سگهي ٿي جڏهن ته ايڊمنسٽريٽر آفيسر به ٿي سگهن ٿا ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا به ٿي سگهن ٿا، ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري لاءِ نالا غور هيٺ آهن حتمي فيصلي بعد سڀني کي پتو پئجي ويندو۔ اهڙو اظهار هن ڪالهه پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو۔ ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، راشد رباني، ساجد جوکيو پڻ موجود هئا۔ نثار کهڙو چيو ته ڪراچي ۾ ستين ضلعي تي اعتراض ڪندڙ تعصب ڦهلائي رهيا آهن ڇو ته جڏهن آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي کي 18 ٽائون ۾ ورهايو ويو ته ان وقت ايم ڪيو ايم ۽ سندن اڄوڪو ڌڙو سڀ خوشي ۾ دهل وڄائي رهيا هئا هاڻ ڪراچي ۾ ستين ضلعي تي اعتراض ڇو ڪيو پيو وڃي۔

نثار کهڙو چيو ته 45 لک ماڻهن جي آبادي وارن علائقن مان ڪياماڙي کي ضلعو بڻايو پيو وڃي ته ان تي لسانيت جون ڳالهيون ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهن۔ هن چيو ته 28 آگسٽ تي مڪاني ادارن جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن تي لازم آهي ته 120 ڏينهن ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن هينئر تائين مردمشماري جي حتمي لسٽ جاري ناهي ڪئي ۽ جيستائين لسٽ نٿي ملي تيستائين چونڊون نٿا ڪرائي سگهون۔ هن چيو ته مردمشماري جي حتمي لسٽ جاري ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي به خط لکيو آهي ۽ عدالت سان به رجوع ڪنداسين۔ نثار کهڙو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيستائين آئين ۽ جمهوري پارلياماني نظام آهي تيستائين ملڪ ۾ صدارتي نظام نٿو اچي سگهي. وزيراعظم عمران خان ڪيئن چاهيندو ته هو وزيراعظم نه رهي ۽ عارف علوي صدارتي نظام هلائي. هن چيو ته ڪو پرويز مشرف جهڙو آمر اچي تڏهن ئي صدارتي نظام اچي سگهي ٿو نه ته آئين ۾ صدارتي نظام جي ڪا به گنجائش ناهي۔

نثار کهڙو چيو ته پي ٽي آءِ ۽ وزيراعظم عمران خان چندو گڏ ڪرڻ واري جماعت آهي ۽ چندو گڏ ڪندڙ وزيراعظم ملڪ ۾ مهانگائي ڪري هر ماڻهو کان مهانگائي جي آڙ ۾ ڀتو وصول ڪري رهيو آهي. هن چيو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ قرض لاهڻ لاءِ عوام جو رت چوسيو پيو وڃي۔ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻن سالن جي اقتدار ۾ عوام کي گهر ڏيڻ بدران عوام لاءِ قبر جو ٽڪرو رکيو پيو وڃي۔ نثار کهڙو چيو ته وزيراعظم عمران خان ٻن سالن ۾ هينئر تائين 2 سئو يوٽرن ورتا آهن. هن چيو ته ملڪ جي عوام هاڻ مصيبت اعظم عمران خان مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي۔

ان کان اڳ ملير پي ايس 87 مان پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، شموليت ڪندڙن ۾ پي ٽي آءِ ليبر ونگ سنڌ جو اڳوڻو سينيئر نائب صدر عبدالرسول، يوٿ ونگ سنڌ جو اڳوڻو ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري دانش کوکر، علي نواز ڪاڪيپوٽو، ملير يوٿ ونگ جو اڳوڻو ضلعي صدر شفيق ٻگهيو، سينئير نائب صدر حاجي خان سمون، اياز زنئور، اطهر خٽڪ، احد جتوئي، اشفاق احمد شامل آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ ملير يوٿ ونگ جي اڳوڻي اڳواڻ اڪرام ڏيرو، علي خاصخيلي، فراصت، امداد جمالي، منير کوسو، محمد علي چانڊيو، نديم سيال، سارب انصاري، محمد علي ڏهر به پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو۔ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، وقار مهدي، راشد رباني، ساجد جوکيو جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي صوبائي صدر نثار کهڙو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن کي خوش آمديد ڪيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here