پاڪ – ترڪ جي سياسي جدوجهد ۾ هڪجهڙائي آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه

0
188
CM Sindh

ڪراچي (14 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترڪي سفارتخاني جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي رياستن جا لاڳاپا آزادي کان به اڳ جا آهن، هن چيو ته برطانوي راڄ تحت هندستان جا مسلمان عثماني سلطان کي پنهنجو خليفو سمجهندا هئا ۽ مسلمان آزاد رياستون پنهنجي ترڪ ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ مدد لاءِ خلافت تحريڪ جي رهنمائي ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 1919 کان 1923 تائين ترڪي جي آزادي واري جنگ دوران برٽش هندستان جي مسلمانن عثماني سلطنت کي مالي ڏئي سندن ترڪ ڀائرن جي غيرمتزلزل مدد ڪئي۔

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ترڪي ۽ روس جي جنگ دوران سنڌ جو مشهور تعليمدان حسن علي آفندي جنگ دوران ترڪ عوام جي مدد لاءِ سنڌ جي عوام کي متحرڪ ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته حسن علي آفندي جي جدوجهد کي تسليم ڪندي ترڪي حڪومت کيس ٻه ترڪ اعزاز ”آفندي“ ۽ ”بي“ سان نوازيو۔ هن وڌيڪ چيو ته حسن علي آفندي کي ڪراچي ۾ ترڪي جي سفارتخاني جو اعزازي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي۔ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انهيءَ تاريخ سبب پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي عوام جو ترڪي سان خاص ڳانڍاپو آهي جيڪو هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين کان برقرار آهي، مراد شاهه چيو ته آزادي يا جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه هجي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي سياسي جدوجهد بلڪل هڪجهڙي آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جمهوريت لاءِ برابر جدوجهد ڪئي آهي ۽ ٻنهي رياستن جون عورت وزيراعظم رهيون آهن جن ۾ محترمه تنسو سيلر Ms. Tansu Ciller ترڪي جي 22 هين وزيراعظم ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1993-1996 تائين وزيراعظم جي حيثيت سان خدمت ڪئي. هن چيو ته مسلمان ملڪن جو بطور عورت وزيراعظم هڪ مضبوط رشتو جڙيل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته 1994 ۾ انهن گڏجي ”بطور سياستدان نه پر بحيثيت بهادر مائرن“ جي بوسنيا جو دورو ڪيو ته جيئن بوسنيا ۾ شهري ڏاڍ ۽ ظلم کي خدم ڪرڻ لاءِ عالمي رهنمائن کي اپيل ڪري سگهجي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جا نه رڳو مضبوط سفارتي لاڳاپا آهن پر انهن جا سٺا اقتصادي، مذهبي، ثقافتي ۽ فوجي لاڳاپا پڻ آهن۔

هن چيو ته ترڪي انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي جنهن پاڪستان جي آزاد رياست کي تسليم ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ جمهوريه ترڪي ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان سان غير متزلزل ۽ واضح حمايت ۽ ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو، مراد علي شاهه چيو ته ترڪي جي حڪومت سدائين ڏکئي وقتن ۾ اسان سان گڏ رهي آهي. ترڪي 2005 ۾ پاڪستان جي زلزلي دوران متاثرين لاءِ 150 ملين ڊالرز جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ۽ 2010 ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ته ترڪي حڪومت ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ گهرن جي نئين سِر تعمير سميت وڏي پئماني تي مدد ڪئي۔

مراد علي شاهه چيو ته اهڙي ريت 1999 ۾ ترڪي ۾ زلزلي دوران پاڪستان حڪومت پاران به ترڪي امداد ڪئي وئي هئي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪ ترڪي اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ خاص طور تي ٽرانسپورٽ، ٽيليڪميونيڪشن، مينوفيڪچرنگ ۽ سياحت جي شعبن ۾ اربين ڊالرن جي تجارت ۽ سيڙپڪاري ڪئي وئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ اقتصادي تعاون ۽ ترقي بابت تنظيم جا باني ميمبر آهن ۽ ترقي پذير 8 ملڪن جو حصو پڻ آهن ۽ ترڪي – پاڪستان ۽ آزاد تجارت معاهدو هلندڙ آهي۔

سنڌ جي وڏي وزير موجب پاڪ – ترڪ اسڪولن پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهي اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي هر سال ترڪ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردن جي انگ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ هن سفارتي آفيس لاءِ نئين قونصليٽ جي عمارت جو افتتاح ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزير جو دورو هڪ نئين باب جي شروعات آهي جيڪو جمهوريه ترڪي سان اسان جي لاڳاپن کي اجاڳر ڪندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here