کنڊو اسٽاپ تي هوٽل هلائي مزدوري ڪندڙ جو بااثر جي ظلم خلاف احتجاج

0
181

وارھ: مظفر قاضي

کنڊو اسٽاپ تي هوٽل هلائي مزدوري ڪندڙ غفار ميرجت جو محرم ڀاڻواڻي چانڊيو جي ظلم خلاف احتجاج انصاف جو مطالبو، هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪالهه شام جو هوٽل تي چانھ ٺاهي رهيو هيس ته محرم ڀاڻواڻي چانڊيو ۽ ان سان گڏ چار ٻيا اڻ سڃاتل چانهه پيتي چانهه جا پئسا گهرڻ تي مونسان گارگند ڪري هوٽل جا ڪوپ ڀڳا ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن۔

جنهن جي مون وارھ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي جنهن صبح هوٽل تي اچي جان سان مارڻ جي ڌمڪي ڏئي ويو آهي هن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران علي قريشي پي پي ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو ايس ايڇ او وارھ سعيد احمد جماڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي مان مسڪين هوٽل تي مزدوري ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here