وارھ (مظفر قاضي) سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو، وارھ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو احتجاج، ٻولي ايڪٽ تي عمل جو مطالبو خبر موجب سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي پڙھائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي وارھ ۾ ادبي سنگت طرفان هٿن ۾ بينر کڻي وارھ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي۔
ان موقعي تي مظاهرين عرفان منان، نجيب چانڊيو، سجاد گل، مهراڻ چولياڻي، حنيف سوڍر، علي عمران، آدرش اميرجان، جبران ڇٽو، ڪامريڊ منان، محمد خان تنيو ۽ ٻين چيو ته سنڌي ٻولي ملڪ ۾ سڀني کان قديم ٻولي آھي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ دفتري ٻولي هئي پر ملڪي تاريخ ۾ هميشه سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪيو ويو آھي۔ هنن چيو ته 1972ع ۾ ڀُٽو دور ۾ تنهن وقت جي وڏي وزير ممتازڀٽو سنڌي ٻولي جو بل منظور ڪرايو هو ۽ هڪ سال پهرين سيد مراد علي شاھ به سنڌ اسيمبلي مان سنڌي ٻولي کي لازم پڙھائڻ جو بل منظور ڪرايو هو پر انهن ٻنهي ٻولي قانونن تي عمل نٿو ڪيو وڃي۔
سينيٽ ۾ عربي ٻولي کي لازم پڙھائڻ جو ته بل منظور ٿي سگهي ٿو پر سنڌي ٻولي جي بل کي رد ڪيو وڃي ٿو جيڪا سنڌ سان ناانصافي آھي. هنن گهر ڪئي ته ٻولي ايڪٽ 1972تي عمل ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سائن بورڊ سنڌي ۾ لکيا وڃن۔