وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي مزارن تي حاضري ڀري

0
187
Cm Sindh

لاڙڪاڻو 26 ڊسمبر 2020ع: وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير مڪيش چاولا، نواب تيمور ٽالپر، اڳوڻو صوبائي وزير ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ، ايم پي اي امداد پتافي سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذواالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه امير بيگم ۽ مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون۔

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعليٰ سنڌ چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ٿيندڙ 13 ورسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 ورسي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان (ايس او پي) تحت ملهائي ويندي، ورسي ۾ پي ڊي ايم جي قيادت پڻ شرڪت ڪندي۔ هن چيو ته ورسيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ماسڪ پڻ فراهم ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 29 تاريخ تي ڪراچي ۾ چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ سي اي سي جو اجلاس ڪوٺايو ويو آهي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا۔

هن چيو ته پ پ پ جي ميمبرن جو استعيفائون پارٽي قيادت وٽ موجود آهن، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان فيصلو ڪندا ۽ جيئن قيادت حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته آءُ عوام جي خدمت لاءِ ويٺو آهيان نه ڪي وڪيٽ تي کيڏڻ لاءِ ويٺو آهيان. هن چيو ته وفاقي وزير بيڪ ڊور کان آيا آهن اهي ڪائونسلر جي سيٽ به نه ٿا کٽي سگهن انهن جو سياست ۾ تجربو نه آهي ان ڪري اهي غير سياسي ڳالهيون ڪري رهيا آهن۔

ان بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور ڪيل انتظامن بابت وزير اعليٰ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ صفائي سٿرائي، لائيٽنگ، واش رومز، سائن بورڊ، روڊ رستا، پارڪنگ وغيره وغيره شامل آهن. جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو وزير اعليٰ سنڌ کي سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني۔

ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته سڀاڻي (اڄ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسيءَ جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجي اڳواڻ کي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ پهچندا. هن چيو ته مونکي اميد آهي ته هن ورسيءَ تي اڳ کان به وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيندا ڇاڪاڻ ته پ پ پ ماڻهن وڏو سمنڊ آهي ۽ ماڻهن جون همدرديون هن پارٽي سان آهن ڇاڪاڻ جو پ پ پ هميشه غريبن جي حقن لاءِ جاکوڙيو آهي ان لاءِ ڪوشش آهي ته ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن کي ڪا به تڪليف در پيش نه اچي. هن سڪيورٽي توڙي ٽريفڪ انتظام بهتر کان بهتر ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن۔

ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ورسي ۾ ايندڙ مهمانن جو خاص خيال رکيو وڃي ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف درپيش نه اچي. هن چيو ته صفائي سٿرائي ۽ ٽريفڪ جي نظام کي اڳ کان به وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي۔ ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن محمد سليم رضا کهڙو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻيا واسطيدار آفيسر توڙي پ پ پ اڳواڻ جن ۾ ايم پي اي گهنور خان اسراڻ، اعجاز لغاري، خير محمد شيخ، معشوق جتوئي، عمران جتوئي ۽ ٻيا موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here