صحافتي دنيا کي 35 سال ارپيندڙ ڪرشن لال سوٽھڙ گزريل 20 ڏينهن کان ٽائفائيڊ ٿيڻ ڪري بستري ڀيڙو

0
174

جهندومري ( رپورٽر ) تعلقه جهنڊومري جو سينئر صحافي صحافتي دنيا کي 35 سال ارپيندڙ ڪرشن لال سوٽھڙ گزريل 20 ڏينهن کان ٽائفائيڊ ٿيڻ ڪري بستري ڀيڙو سوشل ميڊيا تي خبر ھلڻ جي باوجود سينئر صحافي ڪرشن لال سوٽھڙ جي حد جي بالا آفيسرن ۽ تڪ جي ايم پ اي سيد ضياء عباس شاھ ايم اين اي ذوالفقارستاربچاڻي ضلعي ٽنڊوالهيار اڳواڻ پي ٽي آئي علي پلھ سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سينئر صحافي جي سار نه لڌي ھتان جا سياسي اڳواڻ ڦوٽوسيشن ڪرڻ ۾ مصروف آھن جڏھن ته سينئر صحافي ڪرشن لال سوٽھڙ بيماري سبب گزريل 20 ڏينهن کان بسري ڀيڙوٿيل آھي ۽ فاقا ڪشي واري زندگي گزاري رھيو آھي ان ھوندي به حد جي انتظاميا ايڊمنسٽريٽر جهنڊومري عمير شھزادو جروار ايم پي اي سيدضياء عباس شاھ ايم اين اي ذوالفقارستاربچاڻي پي ٽي اڳواڻ علي پلھ ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار ولي محمدبلوچ کي ھتان جي سڄاڻ ڌرين اھو مطالبو ڪيو آھي ته نيشنل پريس ڪلب جهنڊومري سينئر صحافي ڪرشن لال سوٽھڙ جنهن پنهنجي قلم زريعي تعلقه جهنڊومري جي بي پھچ عوام جو آواز ايوانن تائين پھچايو آھي علائقي جي غريب ۽ مسقين ماڻھن جي قلم زريعي بي لوث خدمت ڪئي آھي ھن پنهنجي زندگي جا گزريل 35 سال صحافتي پيشي ۾ خدمت ڪندي گزاريا آھن ٻي پاسي صحافي ڪرشن لال سوٽھڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون بيماري سبب بستري ڀيڙو پيل آھيان ۽ فاقاڪشي جي زندگي گزاري رھيو آھيان ھاڻ ته مون وٽ ڪجھ به ناھي بچيو جو پنهنجو علاج ڪرائي سگھان ۽ پنهنجي ٻچن جو گزر سفر ڪري سگھان ۽ سڀني ھن وڌيڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي اھو مطالبو ڪيو آھي منهنجي ۽ منهنجي ٻچن جي مالي سھائتا ڪئي وڃي ۽ منهنجو علاج پڻ ڪريو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here