اي سي سڪرنڊ جو واڌو اگھ وٺندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ، پورهيتن جو مظاهرو

0
205

سڪرنڊ: (رپورٽ مشتاق سولنگي) اي سي سڪرنڊ جو واڌو اگھ وٺندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ، پورهيتن جو مظاهرو، خبر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ سليم جتوئي ۽ مختيار ڪار وسيم لاشاري پاران واڌو اگھ وٺڻ جي الزام ۾ شھر جي مختلف دوڪاندارن مرغي وارن، شاپس، سبزي ۽ فروٽ جي ريڙھن وارن تي ڏنڊ هڻي پورھيتن ۽ دوڪاندارن جون دانھون ڪڍرائي ڇڏيون۔

اي سي پاران ڏنڊ ھڻڻ کان پوءِ پورھيتن گل حسن سولنگي، لياقت رند، ساجد زمان ٻگھيو، ۽ ٻين سڪرنڊ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ۽ چيو ته اسان غريب پورهيت آھيون پنھنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪريون ٿا ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جي ريٽ لسٽ مطابق شيون وڪرو ڪري رهيا آهيون پر اي سي سڪرنڊ بنا جواز ڏنڊ لڳائي ظلم ڪيو آهي اسان پورھيت ايترو ڪمايو نٿا جيترو ڏنڊ لڳايو آهي۔

ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وصول ڪيل ڏنڊ واپس ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف اي سي سڪرنڊ جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل دوڪاندار ۽ ريڙھي وارن مارڪيٽ ڪاميٽي جي لسٽ کان وڌيڪ ريٽ تي شيون وڪرو ڪري ماڻھن کي ڦري رهيا آهن جن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي جنهن تي الزام تراشي ڪئي پئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here