ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس شروع

0
55

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس اڄ کان ملير رستي شاهراهه فيصل، ڊفينس ۽ سي ويو تائين هلندي، ان جو هڪ پاسي جو ڀاڙو 50 رپيا آهي، پهريون ڀيرو بس ڪراچي ايئرپورٽ جي اندر تائين عالمي معيار موجب هلائي ويندي.


پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت بجلي سان هلندڙ اهي بسون گهرايون آهن، 50 مان 10 بسون ڪراچي پهچي چڪيون آهن، اهي بسون مڪمل طور ايئر ڪنڊيشنڊ آهن، ان ۾ 33 ماڻهن جي ويهڻ ۽ وڌيڪ 40 ڄڻن جي گنجائش موجود آهي.
انهن بسن ۾ 5 سئو ڪلو واٽ جي بيٽري لڳل آهي، جنهن کي هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي ٻه سئو ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ جو سفر ڪري سگهجي ٿو، اها بيٽري 40 منٽن ۾ ٻيهر چارج ٿي سگهي ٿي، انهن بسن کي چارج به سولر پئنلز ذريعي شمسي توانائي سان ڪيو ويندو.
سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ماحول دوست بسن سان نه رڳو معيشت کي فائدو ٿيندو پر ماحول به بهتر ٿيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here