ٽي مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري کي سھري ۽ ڏير تشدد بعد گهران ڪڍي ڇڏيو

0
212

ڏوڪري رپورٽ

ٽي مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري کي سھري ۽ ڏير پاران تشدد بعد گهران ڪڍي ڇڏيو، ھڪ مھيني کان منهنجي مڙس جي ڪا خبر ناهي مونکي خدشو آهي ته ڏير ۽ سھري ان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي۔ مونسان انصاف ڪيو وڃي، ڪاراڻي باڊھ واسڻ ناري ضميران سومرو جو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ احتجاج۔

باڊھ واسڻ ناري ضميران سومرو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ٽي مهينا اڳ ڪاراڻي واسي خادم ٻگهئي سان پيار جو پرڻو ڪيو، جنهن بعد ڳوٺ ڪاراڻي ۾ پنهنجي مڙس سان رهندي ھئس، منهنجو مڙس مھيني اڳ اوچتو گهران نڪري ويو جنهن جو ھن وقت تائين ڪوبه پتو کرو ناھي۔ ھاڻي مونکي فدا حسين ٻگهئي، عثمان ٻگهئي ۽ گلڻ ٻگهئي مون سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪو اطلاع مان حد ٿاڻي فتح پور کي ڏنو جن ھن وقت تائين ڪجهه به ناهي ڪيو۔

ھن وقت مان پنهنجي ڀاءُ غلام مجيد سومري وٽ باڊھ ۾ رھندي آهيان، خدارا مون کي پنهنجو مڙس ڳولي ڏنو وڃي، مونکي شڪ آهي ته فدا حسين ٻگهئي، عثمان ٻگهئي ۽ گلڻ ٻگهئي منهنجي مڙس خادم ٻگهئي کي قتل ڪيو آهي، ھن وقت مٿيان ماڻهو مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، خدارا مونسان انصاف ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here