احمد علي مهر جو پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان

0
230
CM Sindh

ڪراچي: جي ڊي اي جي اهم اڳواڻ علي گوهر مهر جو ڀائيٽیو ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ مرحوم علي محمد مهر جو پٽ احمد علي مهر پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو، احمد علي مهر پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان فريال ٽالپر، پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سان گڏجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو۔

ان موقعي تي پي پي پي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر، نثار احمد کهڙي ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه احمد علي مهر کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي احمد علي مهر پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سميت پيپلز پارٽي جي قيادت تي اعتماد ڪري پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته مهانگائي سميت عوام کي هر اشو تي رليف پيپلز پارٽي ئي ڏئي سگهي ٿي۔

ان موقعي تي پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني ۽ حقيقي جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ هنن سليڪٽيڊ حڪمرانن کي موڪلي رهنداسين نثار کهڙو چيو ته وزيراعظم عمران خان جن پنهنجن ميمبرن تي سينيٽ ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳايو پهريان انهن ميمبرن کان معافي وٺي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here