سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)
سڪرنڊ شهر جي مصروف علائقي قاضي احمد روڊ لڳ يعقوب هوٽل ڀرسان بخاري محلا جي رهواسي شبير احمد ولد مرحوم حاجي خاصخيليءَ جي ريزڪي دڪان کي اوچتو باه وڪوڙي وئي ، دڪان ۾ موجود کنڊ ، چانور ، اٽي جا ڪٽا ، گيھ جا ڪارٽون ، داليون ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو۔ ٻڌايو پيو وڃي ته باه بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان لڳي ۽ سموري دڪان کي وڪوڙي وئي ، اتي موجود ماڻھن همت جو مظاهرو ڪندي بجلي بند ڪرائي ۽ باه تي ڪنٽرول ڪري ٻين دڪانن کي سڙڻ کان بچائي ورتو۔