راڄوخاناڻي (رپورٽ سفير نظاماڻي ) راڄوخاناڻي وارڊ نمبر 2 سجاد ڇلگري جي ڪچي ٺھيل دڪان کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي دڪان ۾ پيل دلا مٽڪا کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي راک بڻجي ويو شھر ۾ فائير برگيڊ جي سھولت نه ھجڻ ڪري باھ تي جلد ضابطو نه اچي سگھيو جنھن ڪري دڪان سمورو سڙي رک بڻجي ويو۔
دڪان مالڪ ساجد ڇلگري جو چوڻ ھو ته آئون مسڪين دالا مٽڪا ۽ کٽون وڪڻي ٻچن جو گذر ڪندو ھيس جيڪو باھ لڳڻ ڪري منھنجو مڪمل دڪان سڙي ويو آھي۔ آئون ڊي سي بدين ۽ حڪومت کان مطالبو ٿو ڪيان ته منھنجي سڙي ويل دڪان ۽ سامان جو معاوضو ڏنو وڃي۔